چوڌري، نثار علي خان

چوڌري، نثار علي خان

چوڌري نثار علي خان

چوڌري، نثار علي خان: پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان لاڳاپيل سياستدان، چوڌري نثار علي، راجپوت گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. سندس جنم 31 جولاءِ 1954 ڳوٺ چڪره، ضلعي فتح جنگ ۾ ٿيو. هن آرمي برن هال ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪئي. عملي سياست ۾ اسيءَ واري ڏهاڪي کان لاڳاپيل رهيو آهي. هو 1985ع، 1988ع، 1990ع، 1993ع، 1997ع، 2002ع ۽ 2008ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊبو رهيو آهي. 1990ع کان 1993ع تائين نوازشريف حڪومت ۾ هو پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جو وفاقي وزير رهيو؛ 1997ع کان 1999ع تائين واري نواز حڪومت ۾ به کيس ساڳيو ئي قلمدان مليل هو. 2008ع جي عام چونڊن ۾ اين. اي 53 (راولپنڊي- IV) تان ڪامياب ٿيو. شروعات ۾ جڏهن نوازليگ جي پيپلز پارٽيءَ سان مخلوط حڪومت هئي ته چوڌري نثار علي وفاق ۾ سينئر وزير طور اطلاعات، خوراڪ ۽ چوپائي مال کاتن جا قلمدان سنڀاليا، پر اڳتي هلي جڏهن نواز ليگ اختلاف رکندي، وفاقي ڪابينا مان الڳ ٿي ته چوڌري نثار علي خان کي ايوان ۾ اپوزيشن ليڊر طور چونڊيو ويو. هن وقت هو مخالف ڌر جي اڳواڻ طور ملڪي مسئلن تي حڪومت خلاف پنهنجو تنقيدي موقف پيش ڪندو رهي ٿو.


لفظ چوڌري نثار علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.07.31  عيسوي

سندس جنم 31 جولاءِ 1954 ڳوٺ چڪره، ضلعي فتح جنگ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اقبال ٿيٻو
خانبهادر غلام علي نانا
رضوي سيد خادم علي شاهه
اندر جيت لوهاڻو
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
آچاريه ڀڳوان ديو
بلاذري
سُهائي ٽالپر
امير ابڙو
جان ڪيٽس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون